جبل جي ڊاک

جبل جي ڊاک: هيءُ هڪ قسم جو پسارڪو وکر آهي، جيڪو ڀوري ۽ ڪاري رنگ جو ذائقي ۾ تيز ۽ خارش پيدا ڪندڙ جابلو ول جو ڦر آهي. هيءُ ڪيڙن مار اثر رکي ٿو، تنهنڪري جوئن وغيره مارڻ لاءِ ڪم آڻيندا آهن. حڪيمن موجب هن سان ڏندن جو سور لهي ٿو هن ۾ ٻه نهايت زهريلا جوهر آهن، تنهنڪري هن کي اندروني طور استعمال نه ڪرڻ گهرجي.



هن صفحي کي شيئر ڪريو